اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، اسان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي اهتمام هيٺ مارگلا هلز ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? اسلام آباد جو شمار خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو، اسان کي فخر آهي ت?? اسلام آباد اسان جو ڪيپيٽل آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن کان وڻ ۽ گاهه درآمد ڪري پنهنجي ملڪ ۾لڳائين ٿا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي ??وبصورت گادي واري شهر سان نوازيو. هن چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ اسلام آباد جي سڃاڻپ آهي جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ت?? اسان آهيون، اسان خوشنصيب آهيون ت?? اسان جو گهڻو وقت اسلام آباد ۾ گذري ٿو، اسلام آباد ۾ هوا جو معيار باقي شهرن کان بهتر آهي. هتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ سان ماحول ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته ”سيلفي ود اي ٽري“ جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي شهرين کي گذارش آهي ته اهي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائين. اطلاعات واري وفاقي وزير تجويز ڏني ته وفاقي گادي واري شهر ۾ گرين روف ٽاپ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ روف گرين ٽاپ طرف وڃي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ روف ٽاپ تي بي پناهه جڳهه موجود آهي جتي ٻوٽا ۽ وڻ لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته گرين روف ٽاپ سان پورو اسلام آباد سرسبز نظر ايندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مارگلا نيشنل پارڪ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جي ڪري نقصان به ٿيو پر سي ڊي اي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، فائربرگيڊ، ٻيلن واري کاتي جي ٽيمن کي ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رات دير تائين باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن ڪٿي ڪو تخريبڪاري جو عنصر موجود هو ته ان جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چيو ته ايندڙ وقتن ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي پر ان جو 90 سيڪڙو نقصان اسان برداشت ڪريون ٿا. اسان وٽ ٻوڏ اچي ٿي، هوا جو معيار خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آ??ي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاربن جو اخراج وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو، انهن ملڪن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پوري انسانيت جو مسئلو آهي، انسانيت ۽ مستقبل جي نسلن جي خاطر اسان کي وڌي چڙهي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ان کي قومي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهي سنجيدگي سان سرانجام ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ت?? اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت ٻين جاين تي وڻڪاري مهم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ جي حفاظت ڪرڻ ب?? اسان جي ذميواري آهي. اسلام آباد جا شهري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته ”ٽريڪ يور ٽري“ جي نالي سان جلد ايپلي ڪيشن لانچ ٿيندي، ان جي ويب سائيٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان ايپلي ڪيشن ذريعي شهري پنهنجي لڳايل ٻوٽي ۽ وڻ جي واڌويجهه ڏسي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? اسان جي بقاءَ وڻن سان آهي، اسان کي وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت اسلام آباد جي ماحول کي ??اف رکڻ ۽ اتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هر شهري جي ذميواري آهي ته هو وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي چيو ته اها ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ خصوصي پروگرام جو اهتمام ڪري ته جيئن عوام ۾ وڻ لڳائڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جي ذهن سازي ڪري ٿي ۽ معاشري جي مسئلن کي ??جاگر ڪري ٿي. سمورا ٽي وي چينلز پنهنجي آفيسز ۾ ٽري پلانٽيشن مهم جي شروعات ڪن. جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه نه آ??ي ته ان جي لاءِ هتي جڳهه مخصوص ڪئي ويندي. سڀئي ٽي وي چينلز هتي اچن ۽ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته جيڪڏهن ان ڪم کي ??يزي سان نه ڪيو ويو ته خدا نه ڪري هڪ وقت ايندو اسان کي ??اهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن سيلينڊر کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، اسان جي ذميواري آهي ت?? اسان پنهنجي آبهوا کي ??اف رکون، وڌ کان وڌ وڻ لڳايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻايون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي ??جويز ڏي ٿو ته اهي هر وزارت ۾ وڻ لڳائڻ جو شيڊيول تيار ڪن جتي ماڻهن کي وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
NS Electronic Integrity aur Entertainment Link
-
India refused visa to 17,000 Pakistanis in five months
-
Rangers kill three alleged Taliban militants in Lyari
-
Establishment Division sets up pension cell
-
UN high commissioner briefed on IHK situation
-
Terrorism cannot be ruled out behind hotel fire says Police
-
Karachi police forms committee to monitor graveyards
-
پی ٹی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل معلومات
-
SBO اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
سپر اسٹرائیک آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ کا تعارف اور خصوصیات
-
جوکرز وائلڈ آفیشل انٹرٹینمنٹ لنکس کی تفصیل اور اہمیت
-
فلیم ماسک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ